سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀارتي خفيه ايجنسي “را” لاءِ مبينا ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت جوابدارن طلعت اقبال، شيراز ۽ صبغت الله جي ضمانت لاءِ ٽي ٽي لک رپيا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
ملزمان جي وڪيل عمران موجب طلعت اقبال پوليس اهلڪار آهي ۽ سندس گمشدگي جي درخواست 10 مارچ 2022 تي لاڳاپيل ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي هئي.
وڪيل ٻڌايو ته پوليس پهريون ڪيس “اي ڪلاس” ڪري ڇڏيو هو.
وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن 2022 کان جيل ۾ قيد آهن پر ڪو به ٺوس ثبوت موجود ناهي.
پراسڪيوشن مطابق هڪ هينڊلر جو ڪوڊ نالو “باس” ۽ عهدو “فرسٽ ڪمانڊ” آهي، جڏهن ته ٻئي جو ڪوڊ نالو “نانا پت سرينا” ۽ عهدو “سيڪنڊ ڪمانڊ” آهي.
پراسيڪيوشن وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف بارودي مواد، غيرقانوني هٿيار ۽ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ جا به ڪيس داخل آهن….




