ترجمان موجب ميونسپل، يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي جي سطح تي ڊيٿ جي سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي وئي آهي۔
ترجمان ٻڌايو ته هي فيصلو سيپٽمبر 2024 ۾ ڄمڻ جي مفت رجسٽريشن واري ڪابينا منظوري جي تسلسل ۾ ڪيو ويو آهي۔
وزيراعليٰ سنڌ چيو ته نئين انتظام تحت سنڌ حڪومت نادرا جي سروس چارجز جي لاڳت پاڻ ڀريندي، شھري بغير ڪنهن فيس جي موت جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگھندا۔
وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ آهي ته هي فيصلو قانون واري کاتي ۽ خزاني واري کاتي جي حمايت سان ڪيو ويو آهي۔