لنڊن: سک نوجوانن لنڊن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي عمارت تان ڀارتي جهنڊو لاهي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
واقعو خالصتان جي آزادي لاءِ مظاهري دوران پيش آيو، جنهن ۾ سک نوجوانن هاءِ ڪميشن جي عمارت تان ڀارتي جهنڊو لاهي خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪايو.
واقعي تي ڀارتي حڪومت دهلي ۾ مقرر برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ڀارتي جهنڊو لاهڻ ۽ خالصتان جهنڊو لڳائڻ جي ذميواري سک تنظيم دل خالصا قبولي ورتي جڏهن ته پوليس دل خالصه جي هڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو.