سينيٽ وياج جي خاتمي بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس،
جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءُ پيش ڪيو، حڪومت مخالفت نه ڪئي، مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته ملڪي معيشت کي وياج کان پاڪ ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي،
ايوان ۾ توشا خانا ۾ ملندڙ سوکڙين جي سار سنڀال بابت بل متعارف ڪرايو ويو، واڳيل ڪميٽي حوالي.