رانديون

March 16, 2023 7:15 pm

پي ايس ايل 8 فائنل جي شيڊول ۾ تبديلي

پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي فائنل جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته پي ايس ايل 8 جي فائنل دوران برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب پي سي بي ۽ فرنچائزز کي خدشا آهن ته فائنل نه کٽي وڃي.

نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل جي فائنل کي بهتر بڻائڻ لاءِ پي ايس ايل جو فائنل ري شيڊول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جو فائنل هاڻي 19 مارچ بدران 18 مارچ تي کيڏيو ويندو.

نجم سيٺي ٻڌايو ته فائنل لاءِ اڳ کان خريد ڪيل ٽڪيٽون 18 مارچ تي استعمال لائق هونديون.

ياد رهي ته ملتان سلطانز ڪواليفائر ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جڏهن ته اڄ پهريون ايليمينيٽر کٽيندڙ ٽيم ٻئي ايليمينيٽر ۾ لاهور قلندرز جو مقابلو ڪندي جڏهن ته ٻيو ايليمينيٽر کٽيندڙ ٽيم فائنل ۾ ملتان سلطانز سان مقابلو ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: