KTN News

سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۽ صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه پاران گڏيل طور سيرة النبي ﷺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

ڄامشورو: (خميس:04 سيپٽمبر 2025ع) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۽ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي گڏيل سهڪار سان سيرة النبي ﷺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي استادن، شاگردن ۽ علمي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب جي صدارت ڪندي، سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته قرآن پاڪ جي تعليمات خاص طور تي امن، اتحاد ۽ مثبت سوچ جي پيغام کي جديد تعليمي موضوعن سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ کي ترجمي سان پڙهڻ سان اسان کي جديد علمي موضوعن ۽ سماجي قدرن جي بهتر سمجھ حاصل ٿئي ٿي. هن زور ڀريو ته زندگي کي سادگي سان گذارڻ گهرجي جيئن قرآن پاڪ ۾ هدايت ڏني وئي آهي ۽ غير ضروري پيچيدگين کان پاڪ، عاجزي، همدردي ۽ مثبت رويو اختيار ڪري، هڪ پرامن سماج قائم ڪري سگهجي ٿو.

صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر علي مراد لنجواڻي سيرة النبي ﷺ تي روشني وجهندي، حضور پاڪ ﷺ جي همدردي، انصاف ۽ انسانيت جي تعليم تي زور ڏنو. هن سيرة النبي ﷺ سان سلهاڙيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام پڻ پيش ڪيو ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ نبوي تعليمات کي اپنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

تقريب کي سيبس يونيورسٽي جي استادن فضل الاهي خان، منظور سولنگي ۽ صوفي يونيورسٽي جي عطا محمد پڻ خطاب ڪيو. شاگردن عقيدت ڀريون نعتون پيش ڪري روحانيت سان ڀرپور ڀيٽا ڏني. تقريب دعا سان اختتام پذير ٿي، جنهن کان پوءِ مٺائي ورهائي وئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube