اهم خبرون

پاڪستان

April 7, 2023 12:05 pm

ڊالر اڄ وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪالهه کان آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو اڄ به جاري آهي.

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 17 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 25 پئسا ٿي ويو آهي.

ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 284 رپيا 42 پئسا تي بند ٿيو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ منفي ٿي ويو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 101 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 249 جي سطح تي اچي ويو آهي.

ڪالهه 100 انڊيڪس 40,350 پوائنٽس تي بند ٿيو.

وڌيڪ پڙهو: