ڪوئيٽا ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 752 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا۔
ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪوئيٽا ۾ به غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔
ضلعي انتظاميه مطابق، گرفتار ٿيل ماڻهن جو نادرا ۾ اندراج ڪيو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ انهن کي چمن روانو ڪيو ويندو، جتان انهن کي بابِ دوستي جي رستي افغانستان موڪليو ويندو۔هزاره ٽائون ۾ ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ ايف سي جي ڪريڪ ڊائون دوران 752 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا۔




