پنجاب پوليس ۾ احتساب ۽ سڌارن لاءِ نئين دور جي شروعات ٿي وئي۔
وزيراعليٰ پنجاب جو خاص پراجيڪٽ لانچ ڪيو ويو آهي، ٿاڻن، آفيسن ۽ ناڪن تي شهرين کي “سر” ۽ “ميڊم” چئي مخاطب ڪيو ويندو۔ سائلين سان بدسلوڪي يا ٻڌڻي نه ٿيڻ تي آفيسرن جو سخت احتساب ڪيو ويندو، جڏهن ته قاعدا ۽ ضابطا به طئي ڪيا ويا آهن۔
شهرين سان بدسلوڪي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٿاڻن ۾ “سر”، “ميڊم” ۽ “جناب” چئي مخاطب ڪرڻ لازمي هوندو، پنجاب پوليس ۾ سڌارن جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي۔
وزيراعليٰ پنجاب جي خاص پراجيڪٽ تحت ٻن مهينن اندر پوري پوليس فورس کي ڪيمرائن سان ليس ڪيو ويندو۔ ڇاپا مار ڪارروائين سميت سڀئي آپريشن رڪارڊ ڪيا ويندا، ٿاڻن ٻاهران پوليس بابت شڪايتن لاءِ پينڪ بٽڻ لڳايا ويندا۔ ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بداخلاقي جا مرتڪب آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا۔ سڀني ٿاڻن جا ڪيمرا آپريشنل هوندا ۽ سڌي مانيٽرنگ سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڪئي ويندي۔
مقدمن جي داخلا ۽ جاچ ۾ دير جي روايت ختم ڪرڻ لاءِ به حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي۔ آءِ جي پنجاب عبد الڪريم پاڻ سائلين ۽ درخواستگذارن کي فون ڪري رابطو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي۔
حڪام جو دعويٰ آهي ته احتسابي نظام جي نئين سر جوڙجڪ سان نه رڳو انصاف جي فراهمي بهتر ٿيندي پر پوليس تي عوام جو اعتماد پڻ وڌندو۔




