رانديون

March 23, 2023 3:06 pm

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين بابر اعظم کي پاڪستان لاءِ شاندار ڪارڪردگي تي ستاره امتياز سان نوازيو ويو.

گورنر هائوس لاهور ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي ٿيل تقريب ۾ بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو.

بابر اعظم کي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان ستاره امتياز سان نوازيو.

پاڪستان حڪومت گذريل سال 14 آگسٽ تي بابر اعظم کي ستاري جو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

28 ورهين جو بابر اهو اعزاز حاصل ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد اهو اعزاز حاصل ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو پاڪستاني رانديگر هو.

ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق، يونس خان ۽ شاهد آفريدي، جاويد ميانداد ۽ انضمام الحق به ستار امتياز حاصل ڪري چڪا آهن.

وڌيڪ پڙهو: