KTN News

پيپلز پارٽي جو قومي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ واڪ آئوٽ جو فيصلو

پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي ۾ نُڪتي اعتراض تي خيال جو اظهار ڪندا ۽ پيپلز پارٽي جي تحفظات بيان ڪندا۔

ذريعن موجب راجا پرويز اشرف موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهائيندا۔

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جي تقرير کان پوءِ جماعت اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندي۔

راجا پرويز اشرف چيو ته موجوده حالتن ۾ ايوان ۾ ويهڻ ممڪن ناهي، جيستائين پنجاب مان معذرت نٿي ڪئي وڃي، معاملا ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي پارلياماني ليڊر کان سرڪاري سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي۔

هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضي وساري اڳتي وڌي رهي آهي، بي آءِ ايس پي ڪا هڪ جماعت ناهي، اهو چارن ئي صوبن جو منصوبو آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت مخالف بيانن تي ڏک ٿيو آهي، پيپلز پارٽي مخالف ڌر سان به احترام وارو تعلق رکي ٿي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube