KTN News

پي پي ايڇ آءِ انتظاميا پاران ساڍا 4 ارب جي دوائن جا ٺيڪا ڪليئرنس بنا ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي
رپورٽ: شيخ اسرار
پي پي ايڇ آءِ انتظاميا پاران من پسند ڪمپنين کي نوازڻ لاءِ 4 ارب 53 ڪروڙ رپين جي دوائن جا ٺيڪا سي ڊي ٽي ڊي جي ڪليئرنس بنا ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي ٽيڪنيڪل ۽ فنانشل ٻوليون يو ايس بي ذريعي گهرايون ويون. ان حوالي سان ڪي ٽي اين وٽ موجود دستاويزن موجب پي پي ايڇ آءِ انتظاميا پاران پنهنجي من پسند دوائن جي ڪمپنين کي نوازڻ لاءِ اربين رپين جا ٺيڪا سيپرا رولز کي لتاڙي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته دوائن جي معيار تي به سوديبازي ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته دوائون سينٽرل ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي ڪليئرنس بغير خريد ڪيون پيون وڃن. سرڪاري دستاويزن موجب امين محمد هيراڻي جي ڪمپني هيراڻي فارما پرائيوٽ لميٽڊ کي 26 ڪروڙ، حمزه انٽرپرائيزز کان 71 ڪروڙ، 70 لک، ڪراچي ميڊيڪل ڪمپني کان 4 ڪروڙ 28 لک، ليوش انٽرپرائيزز کان 5 ڪروڙ 90 لک، نيو ون انٽرپرائيزز کان 81 ڪروڙ 29 لک، زيڊ آءِ انٽرپرائيزز کان 9 ڪروڙ 10 لک، فرنٽيئر ڊيڪسٽروز کان 15 ڪروڙ 66 لک، پارس انٽرپرائيزز کان 40 ڪروڙ 49 لک، پوائنيئر فارما کان هڪ ارب 84 ڪروڙ ۽ اي ٽو زي انٽرنيشنل ڪمپني کان هڪ ڪروڙ 26 لک رپين جون دوائون غيرقانوني طريقي سان خريد ڪيون ويون آهن. ڊي جي آڊٽ موجب پي پي ايڇ آءِ 4 ارب 53 ڪروڙ 14 لک رپين جون دوائون هڪ ته سنڌ پبلڪ پروڪيوئرمينٽ رولز 2010ع جي ڀڇڪڙي ڪندي “سنگل اسٽيج ٽو انولوپ” طريقيڪار بدران يو ايس بي ذريعي خريد ڪيون آهن ۽ ٻيو ته دوائن جي خريداري کان اڳ سينٽرل ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽريز (سي ڊي ٽي ايل) کان به ڪليئرنس ناهي ورتي وئي، جنهن مان ثابت پيو ٿئي ته من پسند ٺيڪيدارن کان دوائون خريد ڪيون ويون آهن ۽ دوائن جي معيار تي به سوديبازي ڪئي وئي آهي. ڊي جي آڊٽ انهيءَ خريداري تي سخت اعتراض واريندي ان تي پي پي ايڇ آءِ کان جواب طلب ڪيو آهي ته پر پي پي ايڇ آءِ اڃا تائين ان اعتراض تي جواب داخل ناهي ڪرايو. ذريعن موجب پي پي ايڇ آءِ انتظاميا ۽ دوائون سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين خاص طور نيو ون انٽرپرائيزز، پوائنيئر فارما ۽ حمزه انٽرپرائيزز سان ڳٺ جوڙ آهي ۽ غيرمعياري دوائون خريد ڪرڻ تي ڳري ڪميشن وصول ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته دوائون معياري ۽ مڃيل ڪمپنين بدران سپلائرز کان خريد ڪيون وڃن ٿيون.

ڪيترين ئي ڪمپنين دوائون ٻن مهينن کان هڪ سال دير سان پهچايون
ان حوالي سان ڪي ٽي اين وٽ موجود دستاويزن موجب پي پي پي ايڇ انتظاميا هڪ طرف من پسند ڪمپنين کي نوازيندي رولز خلاف ٺيڪا ڏئي رهي آهن ته ٻئي پاسي وري ڪيتريون ئي ڪمپنيون مقرر وقت بدران تمام گهڻي دير سان دوائون فراهم ڪن ٿا پر ان باوجود انتظاميا انهن ڪمپنين سان ٻٽ نظر اچي ٿي. دستاويزن موجب ڪمپنين پاران دير سان دوائون پهچڻ ڪري سوين هيلٿ فيسلٽيز تي دوائن جي کوٽ رهي، جڏهن ته دوائن جي مدي خارچ ٿيڻ به وقت جو فرق ڏٺو ويو. پي پي ايڇ آءِ انتظاميا کي انهن ڪمپنين کان لڪئڊٽي ڊيميج جي مد ۾ 19 ڪروڙ 64 لک رپيا وصول ڪرڻ گهرجن ها پر ائين نه ٿيو، جنهن مان ثابت پيو ٿئي ته پي پي ايڇ آءِ انتظاميا انهن ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

حمزه انٽرپرائيزز کي سيمپل فراهم نه ڪرڻ هئڻ باوجود ٺيڪو ڏنو ويو،
ڪي ٽي اين وٽ موجود دستاويزن موجب پي پي ايڇ آءِ انتظاميا حمزه انٽرپرائيزز تي خاص مهربانيون ڪري رهي آهي. پي پي ايڇ آءِ کي 120 ايم ايل سيرپ آئرن (3) گهربل هو پر حمزه انٽرپرائيزز نه سيمپل فراهم ڪيا نه ئي گهربل 120 ايم ايل سيرپ جي فراهمي ڪئي. دستاويزن موجب حمزه انٽرپرائيزز 120 بدران 60 ايم ايل جا سيرپ فراهم ڪيا جيڪي پي پي ايڇ آءِ انتظاميا قبول ڪري ورتا. جڏهن ته انتظاميا جي اهڙي عمل سبب اداري کي 83 لک رپين جو نقصان ٿيو.

غيرمعياري دوا ثابت ٿيڻ باوجود واپس ڪرڻ بدران استعمال ڪئي وئي!
سرڪاري دستاويزن موجب پي پي ايڇ آءِ انتظاميا ظافا فارماسوٽيڪل جي تيار ڪيل دوا ظوفٽولن خريد ڪئي، جيڪا سنڌ جي 10 ضلعن ۾ موڪلي وئي، جڏهن ته دوائن جو بيچ نمبر 104 غيرمعياري ثابت ٿيو، تنهنڪري اهو سپلائر ڪمپني کي واپس ڪرڻو هو پر اهو واپس نه ٿيو. ذريعن موجب غيرمعياري دوا اسپتالن کي موڪلي وئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube