top_news

اهم خبرون

سنڌ

February 17, 2023 11:21 pm

پوليس ۽ رينجرز آپريشن ڪري عمارت ڪليئر ڪرائي ورتي

پوليس ۽ رينجرز آپريشن ڪري عمارت ڪليئر ڪرائي ورتي، پوليس عملدارن ٻن اهلڪارن سميت ٽن ڄڻن جي شهيد ٿيڻ ۽ ٽن دهشتگردن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، پوليس موجب سمورن زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله ۽ ٻين اعليٰ حڪومتي عهديدارن دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه حملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏو وزير بعد ۾ آءِ جي آفيس پهچي صورتحال جي نگراني ڪئي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سموري صورتحال جي پاڻ نگراني ڪئي،

رينجرز ۽ پوليس جوان مقابلو ڪري دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته دهشتگرد گاڏي ۾ آيا ۽ گاڏي مان لهندي ئي دستي بم حملو ڪيو، وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار سان رابطي ۾ آهي.

وڌيڪ پڙهو: