پاڪستان

March 19, 2023 1:51 pm

عمران خان کي رليف ڏئي پوليس جـِي رِٽ جو قتل ڪيو ويو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان کي رليف ڏئي پوليس جـِي رِٽ جو قتل ڪيو ويو، جنهن شخص جـَي گهر مان بندش پيل تنظيم جا ماڻهو ۽ هٿيار نڪتا،

اهو سرعام رياست کي چيلينج ڪري رهيو آهي، آئين  ۽ قانون کي پنهنجي جوتي برابر سمجهي ٿو، وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اقتدار کسجڻ بعد عمران خان چريو ۽ دهشتگرد بڻجي چڪو آهي،

چورين جو جواب نه هئڻ تي عمران خان سموري ملڪ ۾ باهه لڳائي رهيو آهي، عمران خان گذريل ڏينهن جٿن ۽ هٿياربند ماڻهن سان گڏ زمان پارڪ کان اسلام آباد پهتو،

عدالتن تي پٿراءُ ۽ پيٽرول بمن سان حملا ڪندڙ  شخص کي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي، دادلي کي خاص رعايت ڏئي قانون جي حڪمراني قائم نٿي ڪري سگهجي.

 

وڌيڪ پڙهو: