چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال ۽ سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ ملاقات ٿي.
ذريعن موجب جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي معاملن تي غور ڪيو ويو، ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي صحيح ڪرڻ جي تاريخ تي به غور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ گولڊن جوبلي ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي آئين جي بالادستي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.