سنڌ

March 14, 2023 11:26 am

ڪراچي ۾ پاپوش نگر ۽ ڪٽي پاڙي ۾ پوليس جون ڪارروايون، 8 جوابدار گرفتار

ڪراچي: پاپوش نگر ۽ ڪٽي پهاڙي ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار تخريبڪاري، اسٽريٽ ڪرائم، ڪار ۽ موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث آهن، گرفتار جوابدار محمد علي کوسا وٽان دستي بم، پرس ۽ موبائل فون هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن شعيب ۽ جنيد وٽان چوري ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه جوابدارن امان الله، جاويد، طلحه، سهيل احمد ۽ فرمان وٽان هٿيار ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: