ڪراچي: وزير داخلہ سنڌ ضياء الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتہ خوري جو معاملو سنجيده آهي، تنهن هوندي به ڪاروباري برادري جا مسئلا پڻ حل ڪيا پيا وڃن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير داخلہ چيو ته ڀتہ خوري جو معاملو انتهائي سنجيده آهي، ڪجهه تاجرن کي ڀتہ نه ڏيڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ڪاروبار ترقي ڪري، ڪنهن کي به اجازت نه ڏنداسين ته ڪو ماڻهن کي تنگ ڪري.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ڀتہ خوري ۾ ملوث 4 ماڻهو مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ 3 ملزمان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.
ان موقعي تي ايڊشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو ته سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو 2 هفتن ۾ 20 کان وڌيڪ ڀتہ خور گرفتار ڪيا آهن، سڄي سال ۾ ڀتہ خوري جا 118 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 44 ڪيس ذاتي اختلافن جا هئا، پوليس سال ڀر ۾ 43 ڀتہ خور گرفتار ڪيا آهن.
ايڊشنل آءِ جي چيو ته پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ملزمان جو پيڇو ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ 28 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ گاڏيون ڇوڙڻ واري وارداتن ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.