اهم خبرون

پاڪستان

April 7, 2023 11:55 am

اسلام آباد وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي.

قومي سلامتي ڪميٽي جو هي 41 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه جن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس، بچاءَ وارو وزير، ناڻي وارو وزير، پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ اطلاعات وارو وزير شرڪت ڪري رهيا آهن.

اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي ايم او سميت ٻيا فوجي عملدار به شرڪت ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ چئني وڏن وزيرن به خصوصي طور شرڪت ڪئي.

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: