ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊا ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران آءِ ايس آءِ جو برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي شهيد ٿي ويو،
7 سڪيورٽي اهلڪار زخمي، ڊي آءِ خان جي علائقي کوٽي ۾ به دهشتگردن جو پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو،
3 جوان شهيد، 3 دهشتگرد به مارجي ويا: آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، اطلاع تي سڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي گهيري ورتو،
فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي،
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لوڌران واسي حوالدار محمد اظهر اقبال، خانيوال واسي نائڪ محمد اسد ۽ وزيرستان واسي سپاهي محمد عيسيٰ شهادت ماڻي.