محسن نقوي جي صدارت هيٺ دبئي ۾ ايشيئن ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه راجيو شکلا محسن نقوي کان ٽرافي گهرڻي شروع ڪري ڇڏي.
محسن نقوي کين جواب ڏنو ته هي شيءَ اي سي سي ميٽنگ جي ايجنڊا تي شامل ناهي. ذريعن موجب، ان موقع تي راجيو شکلا ٽرافي وٺڻ لاءِ محسن نقوي کان لڳاتار اصرار ڪندو رهيو.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم کي ٽرافي گهرجي ته کپتان اي سي سي جي آفيس اچي مون کان وصول ڪري وٺي.
ٻئي طرف، ڀارتي ٽيم کي ٽرافي ڏيڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.