KTN News

ڀارت پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايشيا ڪپ کٽي ورتو

دبئي: ايشيا ڪپ ٽي 20 جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 5 وڪيٽن سان شڪست ڏني.

ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل دبئي ۾ کيڏيو پيو وڃي.

فائنل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پوري پاڪستاني ٽيم 19.1 اوورن ۾ 146 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

147 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي ڀارت 18 اوورن ۾ 130 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت جي پهرين وڪيٽ ٻئي اوور ۾ ڪري پئي جڏهن اڀيشڪ شرما فهيم جي بال تي 5 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ڀارت جي ٻي وڪيٽ 10 جي اسڪور تي ڪري پئي جڏهن ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار ياديو هڪ رنسن تي شاهين جو شڪار ٿيو.

شبمن گل به 20 جي ڪل اسڪور تي 12 رنسن تي فهيم اشرف جو شڪار ٿيو. سنجو سامسن 77 جي ڪل اسڪور تي 24 رنسن تي ابرار جو شڪار ٿيو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube