قومي اسيمبلي جي سابق اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر، پيپلز پارٽي کي پيشڪش ڪندي چيو ته جيڪڏھن پيپلز پارٽي سنجيده آهي ته عدم اعتماد آڻين، اسين ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.
تفصيلن موجب، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون بي نتيجا ختم ٿي ويون آهن، جنهن سبب راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي، اسيمبلي مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اسد قيصر پيپلز پارٽي کي پيشڪش ڪندي چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنجيده آهي ته عدم اعتماد آڻين، اسين ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته، “پيپلز پارٽي جي فرينڊلي فائرنگ ۽ فرينڊلي اپوزيشن کي ڀليڪار ڪيون ٿا.“
اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي آغا رفيق الله، ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ۽ ايوان ۾ ميمبرن جي گڻپ مڪمل نه ٿيڻ سبب ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.