پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي،
اسلام آباد هائيڪورٽ جي حڪم باوجود عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو،
وڪيل خواجه حارث اليڪشن ڪميشن جي شڪايت رد ڪرڻ ۽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل،
خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي،
مٿس حملو به ٿي چڪو آهي، شهيد بينظير ڀٽو ۽ لياقت علي خان جا مثال سامهون آهن، عدالت دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.