مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي اڳوڻي ويجهن دوستن ۽ ساٿي ٽڪ ٽاڪرز صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز کي تباه ٿيڻ جي بددعا ڏئي ڇڏي .
انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ حريم شاهه پنهنجي مداحن کي رمضان جي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي ڏکي صورتحال بابت ڳالهايو.
وڊيو بيان ۾ حريم شاهه چيو ته مان هن رمضان المبارڪ جي صدقي اوهان جون دعائن جي طلبگار آهيان ۽ منهنجون دعائون اوهان سڀني سان گڏ آهن، هن وقت مشڪل ۽ ڏکي صورتحال کي بهادريءَ سان منهن ڏئي رهي آهيان پر ان جي باوجود هر شيءِ، مان پنهنجي پيارن کان دعائون گهران ٿي، مشڪلاتون هر ڪنهن تي اينديون آهن، پر بهادر اهو آهي، جيڪو بهادريءَ سان انهن مشڪلاتن کي منهن ڏئي.
وڊيو پيغام سان گڏ حريم شاهه ڪيپشن ۾ لکيو ته ”اي الله، مان ڏاڍي ڪمزور آهيان، منهنجي مدد ڪر، اي الله، صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز کي برباد ڪر، اي الله تون سڀ ڪجهه ڄاڻين ٿو، ڪنهن کان ڪجهه به ڳجهو ناهي. اي منهنجا الله تون مون کي انصاف ڏي.