KTN News

ڪنڊيارو ويجهو پراني دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪنڊيارو ويجهو پراني دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، فائرنگ ۾ ارشاد، رسول بخش ڏاهري ۽ واٽهڙو شاهد راڄپر مارجي ويا، جڏهن ته  هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

ڳوٺ لنڊو موري ويجهو ڪنڊيارو  عدالت ۾ پيشيءَ تي ويندڙن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  ارشاد،  رسول بخش ڏاهري ۽ هڪ واٽهڙو شاهد راڄپر مارجي ويا، ۽ سعيد ڏاهري سخت زخمي ٿي پيو.

پوليس واقٿعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

مقتولن جي وارثن جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تي الزام هڻندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي….

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube