ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ 16 ماڙ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو،
فائر برگيڊ موجب 12 کان وڌيڪ فائر ٽينڊر، ٻن اسنارڪل ۽ واٽر ٽينڪر جي مدد سان ڪيترن ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو،
باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سڙي زخمي ٿي پيو، چيف فائر آفيسر موجب ڪمرشل عمارت ۾ گهڻي ڀاڱي آفيسون هيون،
ميز نائن ۽ گرائونڊ فلور مڪمل طور تباهه ٿي ويا، گورنر ڪامران ٽيسوري رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته باهه حادثو آهي يا سازش، جاچ ڪرائي ويندي.