سياحتي مقام ڪاغان جي مارڪيٽ ۾ صبح سوير باهه لڳي وئي، جنهن ۾ پنجاهه ڪمرن واري هوٽل سڙي وئي.
اڄ صبح سوير ڪاغان جي مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن مشهور هوٽل کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. 50 کان وڌيڪ ڪمرن واري هي هوٽل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.
ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ٻن فائر برگيڊ گاڏين مقامي ماڻهن جي مدد سان باهه کي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو. ڪي ڊي اي عملو ان کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مصروف آهي.




