فيس بڪ جي مالڪ ميٽا ڪمپني هن سال معاشي دٻاءُ سبب ڏهه هزار وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ پنهنجي ملازمن کي هڪ اي ميل ۾ چيو آهي ته ميٽا ايندڙ ڪجهه مهينن دوران 10,000 نوڪريون ڪٽيندو.
ميٽا چيف موجب ملازمن جي ڪٽ وچولي انتظامي سطح کان ڪئي ويندي، اڪثر ڪٽن جو اعلان اپريل ۽ مئي ۾ ڪيو ويندو ۽ ڪجهه ڪيس سال جي آخر تائين جاري رهندا.
واضح رهي ته ميٽا ڪمپني به ڪورونا وبا کانپوءِ سڄي دنيا ۾ آيل معاشي حالتن ۾ تبديلي سبب سخت معاشي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي آهي.
ميٽا ڪمپني گذريل سال نومبر ۾ 11,000 برطرفين جو به اعلان ڪيو هو.