KTN News

ڀارت جو افغانستان ۾ سفارتخانو ٻيهر بحال ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي : ڀارتي وزير خارجه سبرامنيم جے شنڪر چار سال اڳ بند ٿيل ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رائٽرز جي مطابق ڀارتي وزير خارجه سبرامنيم جے شنڪر جمعي تي اعلان ڪيو آهي ته ڀارت ڪابل ۾ پنهنجي ٽيڪنيڪل مشن کي اپ گريڊ ڪري ان کي سفارتخاني ۾ تبديل ڪندو.

رپورٽ مطابق نئين دهلي ۾ افغان وزير خارجه امير متقي ڀارتي وزير خارجه جے شنڪر سان ملاقات ڪئي، ڪابل ۾ سفارتخاني جي بحالي جو اعلان ٻنهي جي ملاقات دوران ڪيو ويو، افغان وزير خارجه امير متقي هن وقت ڀارت جي دوري تي آهن.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا جو دعويٰ آهي ته افغان وزير خارجه ڀارت کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ امير متقي ڀارت کي ويجهو دوست قرار ڏنو آهي، ان کان علاوه افغان وفد پنهنجي سرزمين کي ڀارت خلاف استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

افغان وزير خارجه چيو آهي ته اسان ڀارت جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ڀارت کي ويجهو دوست سمجهون ٿا، امير متقي چيو آهي ته پنهنجي سرزمين تي ڀارت مخالف سرگرمين کي برداشت نه ڪنداسين.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube