آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فحش فلمن جي اداڪاره ڊينئل اسٽارمي کي غيرقانوني طور هڪ لک 30 هزار ڊالرز ڏيڻ واري معاملي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي منظوري،
مين هيٽن جي گرينڊ جيوري ٽرمپ تي الزامن بابت ووٽنگ مڪمل ڪري ورتي، ڪجهه ڏينهن ۾ٽرمپ جي گرفتاري جو امڪان،
ٽرمپ ڪارروائي کي سياسي انتقام ۽ اليڪشن ۾ مداخلت قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيموڪريٽس آمريڪا کي عظيم تر بڻائڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا.