دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت رالپنڊي 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران دهشتگردي جي خاتي واري عدالت 8 شاهدن کي ٻيهر طلب ڪرڻ بابت درخواست تي پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اڄ ٻڌڻي دوران عدالت 3 سرڪاري شاهدن ڊي ايس پي اڪبر عباس، انسپيڪٽر عصمت ڪمال ۽ تهذيب الحسن جا بيان ريڪارڊ ڪيا.
9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهنتہ سندس وڪيلن بائيڪاٽ ڪيو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته ويڊيو لنڪ ٽرائل بابت لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جو فيصلو اچڻ تائين ٽرائل روڪيو وڃي، پر عدالت اها درخواست رد ڪري ڇڏي…