سنڌ پوليس ڌاڙيلن خلاف حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مصروف، ڌاڙيلن ماڻهن جي اغوا کي انڊسٽري بڻائي ڇڏيو،
ڪشمور مان معصوم نينگر سميت وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا، صوبي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو،
مغوي اقبال نائچ، حسن دشتي، ارباب سولنگي، عبدالغفور ٻرڙو، منصور ، لال محمد ٻرڙو، عبدالرشيد اوڳاھي، پير بخش شيخ بازياب نه ٿيا، مغوي عورت نازيه کوسو ۽ سندس معصوم ڌيءُ کي به پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي،
ڪوثر کوسو، عبدالرئوف نوناري، حسيب نوناري، انور علي، جاويد گولو برڪت مرهيٽو به بازياب نه ٿيا، سنڌ مان اغوا جون وارداتون رڪجي سگهجنديون يا نه؟ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيندو يا نه؟ وارا سوال اڃا تائين جواب طلب