پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، او آءِ سي ۽ عرب ليگ سميت 17 ملڪن ۽ تنظيمون مغربي ڪناري تي قبضو ڪرڻ بابت غيرقانوني بِل جي اسرائيلي ڪينسِٽ مان منظوري جي سخت مذمت ڪئي آهي۔
ان سلسلي ۾ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي اقدام بين الاقوامي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن، خاص طور تي قرارداد 2334، جي واضح ڀڃڪڙي آهي، جنهن ۾ 1967ع کان مقبوضه فلسطيني علائقن بشمول مشرقی بيت المقدس جي آبادي جي ڍانچي، ڪردار ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪئي وئي آهي۔
بيان ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته عالمي عدالت انصاف فلسطيني زمين تي اسرائيلي قبضو، آبادڪاري ۽ انضمام جي قدمن کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي۔
گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي مقبوضه فلسطيني زمين تي ڪو به خودمختيار حق حاصل ناهي۔
اسلامي ملڪن جي گڏيل بيان ۾ عالمي عدالت انصاف جي بدھ ڏينهن غزہ ۾ امداد سان لاڳاپيل اسرائيلي ذميواري بابت ڏنل راءِ کي ساراهيو ويو آهي۔
گڏيل بيان ۾ اسرائيل کي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي جاري رکڻ کان روڪڻ ۽ عالمي برادري کان ان جي اخلاقي ۽ قانوني ذميواري پوري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته 1967 جي سرحدن مطابق هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام، جنهن جو دارالحڪومت بيت المقدس هجي، خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ واحد رستو آهي۔




