وڏي وزير مرادعلي شاهه پوليو جي خاتمي جي حوالي سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر انجم سومرو ۽ ڊي ايڇ او ڪياماڙي ولي محمد راهمون کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پوليو جي خاتمي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورساڪرو کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وڏي وزير بدين ۽ ٺٽو جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊسپلنري نوٽيس جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي .
مراد علي شاهه چيو ته جيڪي آفيسر پوليو مهم کي سنجيدگي سان نه هلائيندا، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
هن صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي هدايت ڪئي ته غير ذميوار هيلٿ آفيسرن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ چيف سيڪريٽري انتظامي آفيسرن خلاف ايڪشن وٺي..
سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ صوبي ۾ آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ خاص مهم هلائي ويندي.
وزيراعليٰ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته “ٻارن کي معذوري کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، پوليو جي خاتمي ۾ ڪا به کوٽ برداشت نه ڪئي ويندي”.
بدين ۾ ٻه پوليو ڪيسز رپورٽ ٿيڻ تي وزيراعليٰ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پڇيو ته “جيڪڏهن حڪومت پرعزم آهي ته پوءِ پوليو جو خاتمو ڇو نٿو ٿئي؟”۔
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2025ع دوران اڃا تائين 9 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 3 بدين، 3 ٺٽو، هڪ حيدرآباد، هڪ لاڙڪاڻو ۽ هڪ عمرڪوٽ مان سامهون آيا آهن…