KTN News

“پنجاب ۾ 200، سنڌ ۾ 5 هزار جو چالان، هي ڪهڙو انصاف آهي؟”

ڪراچي جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي جي رڪن محمد فاروق طرفان ڳرا اي چالان خلاف قرارداد جمع ڪرائي وئي۔

صوبائي اسيمبلي جي رڪن محمد فاروق چيو ته ڀڃل رستا، غائب نشان ۽ مٿان ڳرا چالان — شهرين تي ظلم بند ڪيو وڃي، غريب موٽرسائيڪل سوارن تي ڳرا ڏنڊ غيرمنصفاڻا آهن، حڪومت فوري طور نوٽيفڪيشن واپس وٺي۔

جماعت اسلامي جي اڳواڻ چيو ته پنجاب ۾ 200 ۽ سنڌ ۾ 5 هزار جو چالان آهي، هي ڪهڙو انصاف آهي؟ ٽريفڪ پوليس شهرين کي تنگ ڪرڻ بدران نظام درست ڪري۔

هن جو چوڻ هو ته اي چالان تنبيهه لاءِ هجي، تڪليف لاءِ نه، ڪيمرن ذريعي مجرمن کي پڪڙيو، منصوبا مڪمل ڪريو ۽ شهرين کي رليف ڏيو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube