اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل ڪري ڇڏيا.
پي ٽي آءِ چيئرمين سول جج پاران جاري ڪيل ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ کي سيشن جج جي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو پر سيشن جج طاهر محمود موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج سڪندر خان جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
ڊيوٽي جج سڪندر خان ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عمران خان تي جيڪي شقون لڳايون ويون آهن، اهي قابل ضمانت آهن، وڪيل چيو ته اڳ ۾ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.
جنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي سڪيورٽي واپس وٺڻ بابت دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.
عدالت پوليس کي عمران خان جي گرفتاري کان 16 مارچ تائين روڪيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته عدالت طرفان ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ذريعي لاهور پهتي پر سندس گرفتاري عمل ۾ نه آئي.