KTN News

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نجي بينڪ پاران محتسب اعليٰ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نجي بينڪ پاران محتسب اعليٰ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت سرڪاري وڪيل، پرائيويٽ شهري ۽ ٻين فريادين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

درخواست گذار، بينڪ جي وڪيل ٻڌايو ته شهري سعيد محمد ۽ محبوب علي کي نامعلوم ڪالر پاڻ کي بينڪ جو نمائندو ظاهر ڪري فون ڪئي، جنهن دوران ڊيٽا حاصل ڪرڻ بعد ٻنهي شهرين جي اڪائونٽس مان لکين رپيا ڪڍيا ويا.

وڪيل موجب محتسب اعليٰ بينڪ کي شهرين جو نقصان پورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن⁠ ته بينڪ جو موقف آهي ته صارفين کي بار بار ڊيٽا شيئر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نجي بينڪ عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته محتسب اعليٰ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو…

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube