دبئي: (آچر: 21 سيپٽمبر 2025ع) پاڪستان کي ڀارتي غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ جو فوري طور تي ٻيهر موقعو ملي ويو آهي، ايشيا ڪپ سپر 4 رائونڊ ۾ ٻئي ٽيمون اڄ آچر تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستاني ٽيم اڳيان پٺيان حساب برابر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
فتح جي بنياد رکڻ لاءِ ٽاپ آرڊر کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، صائم ايوب جي بيٽنگ فارم تي ڳڻتي بدستور قائم آهي. حارث رئوف کي برقرار رکڻ جو امڪان آهي. ٽاس جو ڪردار اهم هوندو سڪو جنهن جي پاسي ڪريو اهو ٽيم حدف جي تعاقب کي ترجيح ڏئي سگهي ٿو. پاڪستاني اسڪواڊ گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٽريننگ ڪئي هن ڀيري به پريس ڪانفرنس کان پاسو ڪيو ويو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن سان ملاقات ڪندي سندن حوصلو وڌايو. اميد ظاهر ڪئي ته ٽيم بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي. ياد رهي ته گروپ ميچ ۾ پاڪستان کي ڀارت 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
هٿ ملائڻ جي تڪرار ۽ ميچ کان پوءِ ڀارتي ڪپتان سوريار ڪمار ياديو جي سياسي بيان جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ماحول وڌيڪ خراب ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ اڄ شام جو ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو.