پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، ايشيا ڪپ جي فائنل کان اڳ پاڪستان ٽيم جي رانديگرن کي ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي۔
ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمون حتمي طور تي ٺاهي ورتيون ويون آهن۔
متحده عرب امارات جي رياست دبئي ۾ ڪرڪيٽ جا مداح ٽئين مسلسل آچر تي ٻنهي ٽيمز کي ايڪشن ۾ ڏسندا۔
محسن نقوي رانديگرن لاءِ چيو آهي ته: “جيڪا به اوهان کي صحيح لڳي، سو ڪريو، مان سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندس۔”
ان کان علاوه، پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن به پيغام ڏنو آهي ته: “ايشيا ڪپ دوران ۽ ان کان اڳ ٽيم جيڪو جذبو ڏيکاريو، ان تي فخر آهي۔ اسان شايد تمام سٺو نه کيڏيو هجي، پر مان يقين ڏيان ٿو ته اسان ڪڏهن به هار نه مڃي۔”