تازه خبرون

ڪاروبار

January 26, 2023 2:50 pm

ڊالر جو اگهه بي قابو، ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 255 رپين تائين پهچي ويو

آمريڪي ڊالر جي ريٽ تي اي ڪيپ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊالر پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان وٺي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ موقعي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 24 رپيا 11 پئسا مهانگو ٿي 255 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.

ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 230 رپيا 89 پئسا تي بند ٿيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 28 جولاءِ 2022 تي هن وقت تائين جي بلند ترين قيمت 239.94 رپيا هئي

مارڪيٽ ذريعن موجب ڊالر وڪرو ڪندڙ 240 کان 252 رپيا مهانگو طلب ڪري رهيا آهن، بئنڪ جيڪي ريٽ ڏئي رهيا آهن ان تي ٽرانزيڪشن نه ٿي رهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جا سودا 235 کان 240 رپين تائين ٿي ويا، جڏهن ته ڊالر مهانگو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ هاڪر 255 رپيا آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: