شوبز

January 26, 2023 2:35 pm

شاهه رخ، جان ابراهيم ۽ دپيڪا، فلم پٺاڻ ۾ ڪيترو معاوضو ورتو؟

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ گذريل ڏينهن رليز ڪئي وئي جنهن پهرين ڏينهن ئي ڪاميابي جا جهنڊا بلند ڪيا.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب يش راج جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم هن سال جي ميگا بجيٽ فلمن مان هڪ آهي، جنهن جي پروڊڪشن تي 240 ڪروڙ ڀارتي رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان فلم پٺاڻ ۾ ڪم ڪرڻ تي سڀ کان وڌيڪ 35 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا.

ان کان پوءِ اداڪار جان ابراهم فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 15 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا، ان کان علاوه اداڪارا دپيڪا پڊوڪون فلم جا 10 ڪروڙ رپيا ورتا.

ٻڌايو پيو وڃي ته فلم جي پروڊڪشن تي 150 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا جڏهن ته هدايتڪار سدھارٿ آنند کي 15 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.

فلم جي پروموشنل مهم تي 15 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، انهن سمورن خرچن کي شامل ڪندي فلم ”پٺاڻ“ جي ڪل بجيٽ 240 ڪروڙ رپيا هئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن فلم پٺاڻ ڀارت سميت دنيا جي 100 ملڪن ۾ رليز ٿي چڪي آهي، جتي شاهه رخ خان جي فلم ۽ گاني جا پهريان ئي چرچا ٿي رهيا آهن.

فلم ۾ سلمان خان جو پڻ ڪيميو ڪردار آهي، جتي هو هلندي ٽرين ۾ تماڪ سان داخل ٿئي ٿو ۽ شاهه رخ خان عرف پٺاڻ کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو. شاهه رخ خان پنهنجي 2018 جي ​​آخري فلم ”زيرو“ کان 4 سالن کانپوءِ وڏي اسڪرين تي واپس اچي رهيو آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: