سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ عورتن لاءِ پـِنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان،
ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلا، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پهرين فيبروري کان ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي ويندي،
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ پيپلز بس سروس پهرين فيبروري کان ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل کان ٽاور روٽ تي هلائي ويندي.
هن چيو ته بس سروس صبح ۽ شام جي وقت ۾ هر 20 منٽن تي آفيس جي ڪلاڪن دوران هلندي ۽ آفيس ڪلاڪن کان پوءِ گلابي بس سروس عام ڪلاڪن دوران هر هڪ ڪلاڪ تي هلندي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس بابت فيصلو ڪم ڪندڙ عورتن جي سفري مسئلن جي حل کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
پنڪ بس ۾ رڳو عورتون ۽ ڇوڪريون سفر ڪري سگهنديون، شرجيل ميمڻ پاران 29 جنوري کان سکر ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جي هدايت.
Transport department government of Sindh is going to start Pakistan’s First bus service only for the women and girls exclusively. Inshallah Pink buses will start their operation from 1st February in #Karachi. Peoples Bus Service, At Your Service. pic.twitter.com/6T1rQUK3qm
— Sharjeel Inam Memon (@sharjeelinam) January 26, 2023