اهم خبرون

پاڪستان

January 26, 2023 11:42 am

23 جنوري تي بجلي جو بريڪ ڊائون ڪيئن ٿيو؟ اين ٽي ڊي سي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد:  نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي شروعاتي جاچ رپورٽ پاور ڊويزن کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

اين ٽي ڊي سي جي ابتدائي رپورٽ موجب 23 جنوري جي صبح جو فريڪوئنسي فلڪيچويشن هئي، جنهن سبب 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ٽريپ ٿي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرپنگ سبب اين ٽي ڊي سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم ٽرپ ٿي ويو هو، جنهن سبب 11 هزار 356 ميگا واٽ بجلي سسٽم مان ٻاهر ٿي وئي.

رپورٽ موجب بنيادي خرابي ٽرانسميشن لائينز ۾ پيش آئي، بريڪ ڊائون کان اڳ سسٽم جي فريڪوئنسي 50 ميگا هرٽز هئي جيڪا اوچتو وڌي 57 ميگا هرٽز ٿي وئي، فريڪوئنسي ۾ اوچتو واڌ سبب سسٽم تي لوڊ ۽ وولٽيج جو عدم توازن پيدا ٿي ويو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تربيلا، منگلا ۽ ورسک ۾ ڪيترائي ڀيرا ٽريپنگ ٿي آهي، تربيلا، منگلا ۽ ورسک مان بجلي جي بحالي جو عمل فوري طور تي شروع ڪيو ويو ۽ منگلا سسٽم مان شام 5 وڳي بجلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.

 

وڌيڪ پڙهو: