پشاور؛ خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينا جي اڄ حلف کڻڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير افضل خان گورنر حاجي غلام علي سان ڪابينا جي تشڪيل بابت تفصيلي مشاورت ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو آءِ جي مسعود شاهه ۽ رٽائرڊ جسٽس ارشاد قيصر ڪابينا جو حصو هوندا، بئريسٽر سيال نذير، بخت نواز، شفيع الله خان ۽ حاجي غفران به نگران ڪابينا ۾ شامل هوندا.
ذريعن موجب نگران صوبائي ڪابينا ۾ خوشدل خان، تاج محمد آفريدي، شاهد خٽڪ، محمد علي شاهه ۽ عدنان جليل کي به شامل ڪيو ويندو.