اهم خبرون

پاڪستان

January 25, 2023 9:02 pm

قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 جنوري تي طلب

اسلام آباد: اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول ٻيو ڀيرو تبديل ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 جنوري تي ملتوي ڪيو ويو، اجلاس 20 جنوري جمعي جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر پنهنجي اختيار ۾ اجلاس ملتوي ڪندي شيڊيول ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اجلاس 27 جنوري جي صبح 11 وڳي طلب ڪري ورتو.

جڏهن ته اسپيڪر هڪ ڀيرو ٻيهر اجلاس 27 جنوري تي شام 5 وڳي 31 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ پڙهو: