سنڌ

January 25, 2023 8:20 pm

ڪراچي پوليس پاران منشيات فروش کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي

ڪراچي ايسٽ ۾ ٽيپو سلطان پوليس ڪارروائي ڪندي برقع پوش منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو.

عورت جوابدار جي قبضي مان ساڍا ٽي ڪلو کان وڌيڪ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي.

ايس ايس پي شرقي رحيم شيرازي موجب جوابدار ناهيد کي پي اي سي ايڇ سوسائٽي بلاڪ 6 مان چنيسر هالٽ ريلوي ڦاٽڪ وٽان گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدار مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن ۾ ملوث آهي.

ايس ايڇ او ٿاڻي ٽيپو سلطان موجب جوابدار گرفتاري وقت منشيات سپلاءِ ڪري رهيو هو.

ايس ايڇ او موجب گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ منشيات جي فراهمي جي ڪاروبار ۾ وڌيڪ برقع پوش عورتون ملوث آهن.

جوابدارن اهو به انڪشاف ڪيو ته دلشاد عرف مامي نالي عورت منشيات فروش گروپ جي سرغنه آهي.

پوليس موجب جوابدار دلشاد ۽ مامي جي بيس تان هٿ آيل چرس سپلائي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.

جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ کاتي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: