top_news

اهم خبرون

پاڪستان

January 25, 2023 7:27 pm

ٻڌايو فواد چوڌري کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو: عمران خان

ٻڌايو فواد چوڌري کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر کي منشي چوڻ تي ڪهڙي ملڪ ۾ اهڙي ڪارروائي ٿيندي آهي؟

منهنجو آواز به بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، موت کي ويجهو کان ڏٺو اٿم، جيل کان نٿو ڊڄان،

اوهان به جيل کان نه ڊڄو، هي ڪيترن کي جيل ۾ وجهندا: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب،

عمران خان چيو ته رجيم چينج ۾ سڀ کان وڏو ڪردار محسن نقوي ادا ڪيو،

هو شفاف چونڊون نٿو ڪرائي سگهي، ملڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي،

هاڻ صرف ٻه رستا آهن، هڪ غلامي قبولڻ ۽ ٻيو رستن تي اچي جدوجهد ڪجي، ظلم ۽ ناانصافي خلاف بيهڻ جو نالو جهاد آهي، چورن جي غلامي ڪرڻ بدران آخري دم تائين وڙهندس.

وڌيڪ پڙهو: