رانديون

January 25, 2023 5:56 pm

بابر اعظم نئين ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي نئين ون ڊي فارميٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

ڏکڻ آفريڪا جو راسي وانڊر ڊوسن ٻئي ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ٽئين نمبر تي آهي.

ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو امام الحق پنجين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت جو ويرات ڪوهلي هڪ درجا هيٺ لهي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

ڀارتي ٽيم جو ڪپتان روهت شرما ٻه درجا مٿي چڙهي نائين نمبر تي اچي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: