سنڌ

January 25, 2023 5:21 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ گاڏين تان فينسي نمبر پليٽون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ آءِ جي سنڌ کي سڄي صوبي ۾ گاڏين تان ڊپليڪيٽ ۽ فينسي نمبر پليٽون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بئنچ گاڏين جي جعلي ۽ فينسي نمبر پليٽن خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته گاڏين تان ڊپليڪيٽ ۽ فينسي نمبر پليٽون هٽايون وڃن.

سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايڪسائيز کاتي طرفان جاري ڪيل نمبر پليٽن کانسواءِ ٻين نمبر پليٽن واري گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ آءِ جي سنڌ کي 15 ڏينهن اندر جاچ مهم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

وڌيڪ پڙهو: