پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب فواد چوڌري کي کڻي ويندڙ سيڪيورٽي ادارن جي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
فرخ حبيب لاهور ٽول پلازه تي فواد چوڌري کي ويندڙ گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فرخ حبيب ۽ پوليس اهلڪارن ۾ تلخ ڪلامي ٿي.
ان دوران فرخ حبيب پوليس عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته فواد چوڌري کي لاهور هاءِ ڪورٽ طلب ڪري رهي آهي، کيس عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسين.
لاهور ٽول پلازه تي فرخ حبيب سڪيورٽي ادارن جي گاڏين جي سامهون آيو ۽ چيو ته گاڏي منهنجي مٿان هلندي.
Police taking Fawad ch to Islamabad by set a siding Lahore high court orders. I was only try to remind police about Lahore high court orders but they forcefully taken him to ISB. Seems police obeying orders of some one more power full then courts. pic.twitter.com/A4vuNG6Ryf
— Farrukh Habib (@FarrukhHabibISF) January 25, 2023
فرخ حبيب ٽوئيٽر تي وڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته ڪالا شاهه ڪاڪا کي روڪڻ جي باوجود پوليس کي ڏهاڙو ڏنو پر ان باوجود هنن عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪيو ۽ اسان تي فائرنگ به ڪئي.